اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چمن ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسو?? جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪ??ي. اطلاعات واري وزير چيو ته شرپسند عنصر بلوچستان جي ترقي ۽ استحڪام جا مخالف آهن. هن متاثر ماڻهن جي پونئيرن سان دلي همدردي جو پڻ ا??هار ڪيو.