اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽ?? (اين سي او سي) جو دورو ڪيو. اين سي او سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود زمان خان صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي قومي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر به موجود هئا. وزيراعظم جي قومي ??حت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اين سي او سي مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي منصوبابندي، ترقي ۽ خص??صي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ ڊ??ئر??ڪٽر جنرل آپريشن اينڊ پلاننگ، اين سي او سي ميجر جنرل آصف محمود گورائيه ڪورونا وائرس جي صورتحال جي مختلف پاسن، اين سي او سي جي فيصلن تي عملدرآمد، ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ وفاقي ڌرين جي وچ ۾ شاندار جامع طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني، صدر کي ڪورونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ، ??حت جي پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافو، ڪورونا مريضن لاءِ بيڊز جي دستيابي ۾ اضافو، اهم دوائن جي بنا رنڊڪ فراهمي، ڪورونا جي مريضن جي نشاندهي ۽ رابطن بابت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ملڪ ۾ ??حت جي نظام ۾ بهتري لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو.