اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن سان مسجدون کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو و??و آهي، حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ متفقه پڌرنامي جي خلاف ورزي ٿي ته ڪارروائي ٿيندي، ايندڙ جمعته المبارڪ کي توبهه جي ڏ??اڙي ۽ رحمت جي ڏ??اري طور ملهايو و??ندو، مدرسن جي ٻارن جي لاءِ به گهر ويٺي تعليم جو پروگرام آندو و??ندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحاف??ن سان ڳالهائيندي ڪيو.