اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ان مقصد جي لاءِ ڊيٽا فار پاڪستان پ??رٽل ذريعي انگ اکر جوڙڻ ترقياتي منصوبابندي جي حو??لي سان اهميت رکندڙ آهي، مهذب معاشري جي سڃاڻپ ڪجهه اميرن سان نه پر اڪثريت جي رهڻي ڪهڻي سان هوندي آهي، ماضي ۾ بدقسمتي سان عوام تي پئسو خرچ ڪرڻ وقت زميني حقيقتن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، ڪنهن هڪ علائقي تي وڌيڪ فنڊ خرچ ڪرڻ سان ٻيا علائقا ترقي کان محروم رهجي وڃن ٿا، غربت جي خلاف جهاد ئي اصل جهاد آهي، ڪمزور طبقي جي خوشح??لي سان ??ي ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فار پاڪستان پ??رٽل جاري ڪرڻ جي حو??لي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.