حافظ آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جيترا مرضي جلسا ڪري جيستائين ڦريل پئسو واپس نه ڪندا انهن کي نه ڇڏيندس، اهي پنهنجي چوري بچائڻ جي لاءِ ڀارت جي زبان ڳالهائي رهيا آهن. حافظ آباد ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم ع??ران خان چيو ته ڪو??ونا جي ڪري سڄي دنيا کي مشڪلاتن کي منهن ڏي??و پيو جڏهن ته حڪومت جي دانشمنداڻي قدمن جي ڪري ملڪ مشڪل وقت مان نڪري ويو آهي. ملڪ ۾ تيزي سان مثبت تبديلي اچي رهي آهي. پاڙيسري ملڪن ۾ ڪو??ونا سان وڌيڪ تباهي ٿي جڏهن ته پاڪستان ۾ موثر قدمن جي ڪري ڪاميابي سان ڪو??ونا جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملي.