اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته سياسي اختلاف پنهنجي جڳهه تي پر رياست کي متحد رهڻ گهرجي، پاڪستان جيواسٽريٽجڪ اڪنامڪ حب آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، قومي سطح تي عالم سڳورن سان سٺا رابطا آهن. نجي ٽي وي کي پنهنجي خصو??ي انٽرويو ۾ هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستا?? سڀ کان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪيو??، ڀارت ه?? فورم تي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي پر هو پاڻ ذليل ٿيو.