اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته غربت جي خلاف ج??اد سدائين وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن ۾ شامل رهيو آهي، 27 مارچ 2019ع کان مملڪت پاڪستان کي مديني جي رياست جي اصولن تي عمل پيرا ٿي هڪ فلائي رياست بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم احساس پروگرام جو بنياد رکيو، ڪووڊ 19 جي ڪري لاڪ ڊائون جي دوران معاشي طور تي متاثر طبقي کي رليف ڏيڻ جي ??اء?? حڪومت پاڪستان لاڪ ڊائون جي پهرين 10 ڏينهن جي اندر 16.9 ملين مستحق خاندانن کي هڪ دفعي جي مالي مدد پهچائڻ جي ??اء?? 203 بلين روپيا احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي ??اء?? مختص ڪيا ويا، اهو مل??ي تاريخ جو سڀ کان وڏو سماجي تحفظ پروگرام آهي جنهن سان تقريبن 109ملين ماڻهو مستفيد ٿيا، هر مستحق اهل خاندان کي 12 هزار روپين جي مالي مدد فراهم ڪئي وئي، پاڪستان تحريڪ انصاف ج?? ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪووڊ 19 وبا جي مشڪل جي ان گهڙي ۾ عوام کي جلد کان جلد رليف پهچائڻ جي ??اء?? احساس پروگرام جي ڊجيٽل سسٽم کي استعمال ۾ آندو ويو جيڪو گذريل هڪ سال ۾ جوڙيو ويو هو، هن چيو ته سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو ڊويزن احساس پروگرام تي عملدرآمد جي ??اء?? جوڙيو ويو آهي، احساس پنهنجي نوعيت جو واحد ۽ منفرد پروگرام آهي جيڪو پاڪستان جي پوئتي پيل طبقي جي بهتري ??اء?? شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته احساس جي منفرد خصوصيت ان جي سگهه، پاليسي فارميشن، بهترين اسٽريٽجڪي، گورننس، مانيٽرنگ فريم ورڪ ۽ بجيٽ آهي جيڪا قومي سطح جي فلاحي منصوبن تي عملدرآمد جي ??اء?? مهيا ڪيا ويا آهي، هن چيو ته احساس پروگرام ۾ پنهنجي طرز جو منفرد پروگرام آهي جيڪو مل?? جي لکين غريبن کي غربت جي ختم نه ٿيندڙ چڪر مان ڪ??ي مل?? کي فلاحي رياست بڻائڻ جي طرف هڪ قدم آهي.