اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي موسمياتي تب??يلي واري خاص مددگار ملڪ ا??ين اسلم چيو آهي ته سندس وزارت صوبن کي درخواست ڪئي آهي ته ٽين بلين ٽري سونامي تحت ٻوٽن جون نرسريون ٺاهڻ ۾ عورتن جو حصو 10 سيڪ??و کان وڌايو وڃي. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ بلين ٽري منصوبي تحت عورتن کي باعزت روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جو تجربو ڪامياب رهيو آهي، هن چيو ته ان طرح ٻهراڙي جي علائقن جون عورتون پنهنجي گهرن جي ويجهو ٻوٽن جو نرسريون قائم ڪرڻ جي قابل ٿيون آهن.