اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ زميني حقيقتن تي ٻڌل پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر روزاني جي بنياد تي ??ور??حال جو جائزو وٺي فيصلو ڪري رهيو آهي، ايندڙ مهيني ڪورونا وائرس جي مريضن جي تعداد ۾ متوقع اضافي جي پيش نظر حڪومت طرفان ممڪنه تياري جي حوالي سان اهن چيو ته دنيا ۾ صحت جو ڪو به نظام ان قسم جي وڏي ??حر??ن جو مقابلو نٿو ڪري سگهي تنهن هوندي به حڪومت ??ور??حال کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ ل??ءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي.