اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??اه?? محمود قريشي چيو آهي ته سمورين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪريون هاته 71 ملين وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا وڃن ها، ڪورونا جي وبا اسان کان گهُر ڪري ٿي ته اس??ن ڪنهن جي پڳڙي نه اڇاليون ۽ رڳو پاڪست??ن ڪارڊ کيڏون ڇو ته هن صورتحال ۾ صوبائي ڪارڊز کيڏڻ جي ڪا گنجائش نه آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان پاليسي بيان ۾ پرڏيهي وزير ??اه?? محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي سياسي قيادت متفقه فيصلو ڪيو آهي ته پارليا??ين?? کي اڳتي وڌندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پارليا??ين?? جي اهميت ک??ن ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان جو احترام ڪندي اجلاس هڪ نقاطي ايجنڊا تي طل?? ڪيو ته جيئن ميمبر پنهنجي راءِ ڏئي سگهن.