اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آ??ي ته صدر جو عالم سڳورن سان مشاورت کانپوءِ متفقه پڌرنامو انتهائي خوش آئنده آهي، رمضان المبارڪ ۾ ڪورو??ا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ صدر جو قائداڻو ڪردار ساراهه جوڳو آ??ي، ان وبا جو احتياط ئي سڀ کان موثر علاج آهي. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪورونا جي خلاف جنگ ۽ قومي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي اهم آهي.