اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ارسطو بڻ??ي ليڪچر ڏ??ند??ن معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو، 3 ڏهاڪن تائين اقتدار ۾ رهندڙن جي منهن مان پاليسين جي تسلسل ۾ ناڪامي جي ڳالهه کل جوڳي آهي، ڪاش ملڪي معيشت جو فڪر انهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ به ڪيو هجي ها. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته (ن) ليگ?? قيادت پاڻ پنهن??ي جان، مال سميت پرڏيهي ملڪ وڃي چڪي آهي، سياسي ساهه جاري رکڻ لاءِ پارٽي جي ٻي در??ي جي اڳواڻن کي سيمينار ڪرائڻ جي نوڪري تي لڳايو ويو آهي