اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اٽارني جنرل انور منصور خ??ن چيو آهي ته پرويز مشرف کي آرٽيڪل 10 تحت ش??اف ٽرائل جو بنيادي حق ناهي ڏنو وي??، ارڙهين ترميم ۾ آرٽيڪل 90 ۾ ترميم ڪئي وئي جنهن کانپوءِ شڪايت ڪندڙن کي ڪابينا کان منظوري وٺڻي لازمي هئي پر پرويز مشرف خلاف شڪايت ڪندڙ ڪابينا کان درخواست داخل ڪرڻ جي ڪا منظوري نه ورتي. اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اٽارني جنرل انور منصور چيو ته اڄ هڪ فيصلو ٻڌايو وي?? جنهن ۾ غير حاضر (ر) جنرل پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، آئون ڪنهن شخص جي حق ۾ نه پر قانوني رخن تي ڳالهه ڪندس.