ميڊرڊ– 11 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ميڊرڊ ۾ اسپين جي نائبين جي ڪانگريس جي صدر ميري شل بتيت سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻط??في لاڳاپن کي مستحۡم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ تعاون جي فروغ لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس کي فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اسپين، يورپي يونين ۾ پاڪ??تا?? جو انتهائي اهم حصيدار آهي، پاڪ??تا?? اسپين سان ٻط??في لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته هسپانوي پرڏيهي وزير جي تازي پاڪ??تا?? جي دوري سان ٻط??في لاڳاپن کي سگهه ملي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪ??تا?? ۽ اسپين جي وچ ۾ ٻط??في لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسان اسلام آباد ۾ پاڪ??تا?? ۽ اسپين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 سالا جشن کي ڀرپور انداز ۾ ملهايو. ڌرين ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ تعاون جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني فرينڊشپ گروپس کي فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ڪورونا وبائي صورتحال تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته اسان محدود معاشي وسيلن جي باوجود وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ذريعي ڪورونا وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، وزيراعظم عمران خان ڪمزور معيشتن کي ڪورونا وبا ج?? معاشي ۽ اقتصادي اثرن کان بچائڻ لاءِ ”قرضن جي حوالي سان سهولت جي فراهمي“ جي تجويز ڏني جنهن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. ڪورونا جهڙي عالمي وبائي چئلينج کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ??تا?? ويجهو پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي افغان??تا?? ۾ عدم استحڪام جي وڏي قيمت چڪائي آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي باعث پاڪ??تا?? کي 80 هزار قيمتي جانين جو نذرانو ۽ 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پيو. پاڪ??تا?? شروع کان ئي انهي موقف کي اجاگر ڪندو اچي رهيو آهي ته افغان??تا?? مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه آهي، هن چيو ته افغان??تا?? ک?? معاشي تباهي کان بچائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون نه ڪيو ويون ته پناهگيرن جي نئين يلغار سميت شديد خطرناڪ اثر سامهون اچي سگهن ٿا. افغان??تا?? ۾ عدم استحڪام نه صرف خطي پر سڀني لاءِ خطري جو سب بڻجي سگهي ٿو. افغان??تا?? ۾ 40 سالن جي بدامني کانپوءِ قيام امن جو هڪ موقعو ميسر اچي رهيو آهي جنهن کي ضايع ڪرڻ جي غلطي نه روجائڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته برسلز ۾ منهنجي يورپي يونين جي پرڏيه?? معاملن جي سربراهه جوزف بوربل سان ملاقات ٿي ۽ افغان??تا?? جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، افغان??تا?? ۾ هنگامي انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 19 ڊسمبر 2022ع تي پاڪ??تا?? جي ميزباني ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، پرڏيهي وزير يورپي يونين سميت، عالمي برادري پاران افغان عوام ج?? معاشي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان افغان??تا?? جي صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ لاءِ افغان??تا?? جي ويجهي پاڙيسري ملڪ جو پليٽ فارم جوڙيو، پرڏيهي وزير يورپي يونين پاران افغانين جي انساني مدد خاص طور تي اسپين جي پاران 20 ملين يورو جي عطئي کي ساراهيو. هسپانوي حڪومت پاران افغان??تا?? ۾ ٻارن خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي لاءِ ڪوششن جو اشارو، انتهائي واکاڻ جوڳو آهي، نائبين جي ڪانگريس جي صدر، ميري شل بتيت افغان??تا?? کان هسپانوي شهرين جي محفوظ واپسي ۾ پاڪ??تا?? پاران ڀرپور مدد جي فراهمي تي پرڏيهي وير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ۽ پاڪ??تا?? جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.