اسلام آباد -03 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس گلزار ??حم?? سان ڪرڪ ۾ تيري مندر جي دوري تي آيل مختلف ملڪن جي هندو ياترين جي وفد هتي سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي. عدالت سڳوري پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق چيف جسٽس هندو ياترين جي وفد جي آجيان ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي برداشت آهي، پاڪستان ۾ هر شهري کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي، پاڪستان جون عدالتون بنيادي ح??ن جون محافظ آهن. پاڪستان جي عدالتن هميشه پاڪستان جي آئين تحت اقليتي برادري جي ح??ن جو تحفظ ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان هندو ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار به موجود هو جنهن چيف جسٽس گلزار ??حم?? کي وفد جي باري ۾ ٻڌايو. ڊاڪٽر رميش ڪمار ڪرڪ ۾ تيري مندر جي بحالي لاءِ چيف جسٽس گلزار ??حم?? جي قدمن جي به واکاڻ ڪئي. وفد ملاقات لاءِ وقت ڏيڻ تي چيف جسٽس ??ا ٿورا مڃيا.