اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صا??ق سنجراڻي بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته اهڙي قسم جي بزدلاڻي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن ??هن. هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين ڌماڪي ۾ زخمي ٿ??ندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن لاڳاپيل ادارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمي?? مرزا محمد آفريدي، قائد ايوان ڊاڪٽر ش??زا?? وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.