اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي پاڪستاني ??ائ?? ميمبر لارڊ واجد خان سان ڳالهائيندي ڪئ?? جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئ??.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ گهرا، ڊگهي مدي وارا ٻطرفا لاڳاپا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي پنهنجي برطانيه جي تازي دوران دوران برطانوي پرڏيهي وزير لزٽرس سان ملاقات جو موقعو مليو، مون برطانوي هم منصب کي ??فغ??نستان جي اڀرندڙ صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشمير جي مسئلي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستاني ??ائ?? برطانوي پارليامينٽرين جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. لارڊ واجد خان پرڏيهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي جي تازي برطانيه جي دوري ۽ برطانوي پرڏيهي وزير لزٽرس سميت برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي هوائي ??فر جي حوالي سان برطانوي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئ??.