اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته ڪا به قوم رڳو وسيلن جي بنياد تي ترقي نه ٿي ڪري سگهي، قومون ذهنن جي روشن خيالي ?? علم ۽ شعور جي بنياد تي ترقي ڪنديون آهن، پاڪستان ??نهنجي سائنسدانن جي ذهانت جي زور تي ائٽمي ملڪ جو درجو حاصل ڪيو، ڪارپوريٽ سيڪٽر کي دنيا ۾ برينڊ پاڪستان ??تع??رف ڪرائڻ گهرجي، انساني حقن جو درس ڏيندڙ اولهه ملڪ بي گهر مظلوم پناهگيرن کي سمنڊ ۾ مرڻ جي لاءِ ڇڏي ڏين ٿا، پاڪستان ??احد ملڪ آهي جنهن بي لوث انداز ۾ 40 لک افغان ??ناهگيرن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پناهه ڏني جڏهن ته پاڪستان ڪاميابي سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ليڊرز ان اسلام آباد سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته انساني تاريخ جي شروع ۾ ابلاغ انسانن جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد بڻيو، انسانن جي اڪثر فيصلن جو بنياد به ابلاغ ۽ معلومات هوندو آهي، اسان جي ڀرپاسي ڪوڙين خبرن جي يلغار نظر اچي ٿي، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي ملتوي ٿيڻ ۾ ڪوڙي خبر بنياد بڻي. صدر چيو ته انسان ڪنهن نه ڪنهن جڳهه تي جانبداري جو مظاهرو ضرور ڪري ٿو، اسان اهو سمجهي رهيا هئاسين ته آمريڪا ويٽنام جي جنگ مان سبق سکي چڪو هوندو. هن چيو ته ريڊ ڪراس جي وفد اڄ مون سان ??لاقات ڪئي جنهن ۾ مون انهن سان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته دنيا ۾ جيڪا ڪيفيت پيدا ٿي آهي ان ??ان ??اڻهن کي ڪڍيو وآڃي. صدر چيو ته چنگيز ۽ هلاڪو خان جي دور ۾ ايترا ماڻهو نه ماريا ويا جيترا 20 هين ۽ 21 هين صدي ۾ ماڻهو ماريا ويا آهن. هن چيو ته زندگي ۾ انسان سکي ??و ۽ حالتون ان کي ??تاثر ڪن ٿيون، اسان کي ??نهنجو پاڻ سان گڏوگڏ معاشري جو به خيال رکڻ گهرجي، انساني ذهن جي لاءِ هر شيءَ ۽ ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ممڪن نه آهي، 70ع جي ڏهاڪي ۾ آئون خوش هئس ته انسان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪا ويٽنام مان ??ڪري رهيو آهي، 80ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي سوويت يونين افغانستان ۾ داخل ٿي ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا وچ اوڀر ۽ عراق ۾ داخل ٿيو. صدر چيو ته ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي لاءِ فيڪ نيوز جو سهارو ورتو پيو وڃي، نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دورو فيڪ نيوز جي ذريعي ملتوي ڪيو ويو. ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته پاڪستان 40 لک کان ??ڌيڪ افغان ??ناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي جڏهن ته بحيره روم ۾ پناهگيرن کي ??ڏڻ ڏين ٿا ۽ نصيحت اسان کي ڪن ٿا. ڪورونا وبا دوران حڪومت ۽ عوام جي ڪردار جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ڪورونا جي دوران اسان ڀرپور جذبي سان ڪم ڪيو جيڪو اسان جي طاقت بڻيو آهي، پاڪستان کي ??ڪ همدردي وارو ملڪ بڻجڻ گهرجي ۽ الله تعاليٰ ان جي لاءِ ماحول پيدا ڪيو آهي. صدر ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي چيو ته دنيا ۾ ان کان ??ڏو ڪو مسئلو نه آهي پر ان طرف ڪو ڌيان ??ه پيو ڏنو وڃي. هن چيو ته ليگ آف نيشنز ۽ گڏيل قومن سميت عالمي ادارن کي ??ٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو هو ۽ هاڻي هٿيارن جي جڳهه ڪارپوريٽ ادارن وٺي ڇڏي آهي، عالمي پاليسي تي انهن جو اثر آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل آرڊر جيڪو هٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو هو اهو هاڻي بدلجي ويو آهي. صدر چيو ته اسان کي ??نهنجي زندگين سان گڏوگڏ ملڪ جي لاءِ پڻ سوچڻ گهرجي، دورانديش ۽ ديانتدار قيادت ملڪ، واپار ۽ سمورن شعبن جي ضرورت آهي ڇو ته توهان اڄ جي معاشري ۽ مستقبل جي لاءِ ذميوار آهيو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي ۽ ڪاميابي جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان جي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي دنيا ۾ برانڊ پاڪستان ??تع??رف ڪرائڻ گهرجي پر اهو ضروري آهي ته توهان جي زبان تي دنيا کي ڀروسو هجڻ گهرجي. تقريب ۾ ڪارپوريٽ شعبي سان ??اڳيل نمايان شخصيتن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.