اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب روشن، پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان ئي اسان جو مقصد آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چو??ري فواد حسين چ??و ته باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست بڻجي اڀريو جنهن تي قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. چو??ري فواد حسين چ??و ته قائداعظم محمد علي جناح جي تعليم ۽ ان جي فرمانن جي اهميت موجوده دور جي مسئلن کي آڏو رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. باباءِ قوم جي دور انديشي ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جهڙا رهنما اصول وا??ح ڪيا هئا ته جيئن سمورن مسئلن جو گڏجي مقابلو ڪري سگهجي. چو??ري فواد حسين چ??و ته اڄ اسان جي مسئلن جو وڏو سبب ان ت??ليم کان دوري آهي، اسان کي پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري سوچ کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چ??و ته انشاءَ الله پاڪستان ت??ريڪ انصاف جي حڪومت باباءِ قوم جي ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان جي خواب جي تعبير ڪندي.