اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس ميچل ٽيليفون ڪيو ۽ ساڻس افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم افغنستان سان سفا??تي ۽ عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. يورپي ڪائونسل جي صدر نڪرڻ لاءِ لنگهه جي فراهمي ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم پاڪستان جي موقف جي وضاحت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان پاڪستان ۽ خط?? جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان جي سڀني ماڻهن جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ جامع سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو به??ري?? رستو آهي، وزيراعظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان اڳواڻ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو مسئل?? جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، هن چيو ته افغانستان ۾ سلامت?? جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ، امن کي برقرار رکڻ، انساني همدرد?? جي ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ عالمي برادر?? جي مسلسل حمايت جي ضرورت آهي. افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ انساني همدرد?? جي چئلينجن کان بچڻ ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪرڻ اڻٽر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان ويجهي رابطي ۾ رهندو ته جيئن افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترق?? جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏئي سگهجي جنهن سان خطو ۽ ان کان ٻاهر جو علائقو مستفيد ٿيندو. وزيراعظم ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڌريون رابطي ۾ رهن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ويجها رابطا رکن، وزيراعظم عمران خان يورپي ڪائونسل جي صدر کي پاڪستان جي دور?? جي به دعوت ڏني.