اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته شاگردن کي سستي ۽ آسان ت??ليم جي فراهمي جي لاءِ هائبرڊ تعليم جي حصي ۾ اضافو ڪن، سائبر وار فيئر سان پيدا ٿيندڙ مستقبل جي سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي جديد آءِ ٽي صلاحيتن سان ليس ڪيو و??ي. هو ايوان صدر ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين محمد نعيم، ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر مجيد مرزا، ڊينز ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر مجيد مرزا ملڪ ۾ پي??يو??اڻي تعليم جي فروغ ۾ اداري جي ڪ??دار ۽ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته انسٽيٽيوٽ مختلف شعبن ۾ تعليمي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪري رهيو آهي، فزڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جهڙن شعبن ۾ 5000 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. صدر انسٽيٽيوٽ جي ڪ??ميابين خاص طور تي ملڪ جي سائنسي ترقي ۾ ان جي ڪ??دار کي ساراهيو. هن چيو ته يونيورسٽيون ت??قيق جو ميدان وسيع ڪرڻ ۽ جديد دور جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ شاگردن جي فڪري ترقي تي ڌيان ڏين. صدر يونيورسٽي انتظاميه تي زور ڏنو ته هو شاگردن جو تعداد وڌائي ته جئين هو ملڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، هن چيو ته سٺي شهرت جي عالمي يونيورسٽين جي مهارت، تحقيق مان فائدو کڻڻ لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.