اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ بنا سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪري وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪاروباري سرگرمين، ترقياتي ڪمن ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جو جائزو ورتو. وزيراعظم ٺيلهو هڻندڙن سان ملا??ات ڪري انهن کان حالتون معلوم ڪيون، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حير?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان بنا پروٽوڪول گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪري جي اليون مرڪز جو دورو ڪيو جتي هن ٺيلهي وارن کان انهن جون حالتون معلوم ڪيون، ٺيلهي وارن احساس پروگرام تحت جڳه?? فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته توهان پهريان وزيراعظم آهيو جنهن عام مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جو احساس ڪيو، ٺيلهي جي لاءِ جڳه?? فراهم ڪرڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا، وزيراعظم عمران خان ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي تاڪيد ڪئي ۽ چيو ته سڀ ماس?? جو استعمال لازمي ڪن ۽ ڪاروبار سان گڏوگڏ پاڻ کي ان وبا کان به بچائين، وزيراعظم ضرورت جي شين جي قيمتن جو پڻ جائزو ورتو، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حير?? جو اظهار ڪيو، وزيراعظم پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪندي ۽ عام شهري وانگر سگنلز تي رڪندي آئي نائين پڻ ويو جتي هن سيوريج ٽريٽمينٽ پلا??ٽ جو پڻ معائنو ڪيو.