اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيني??ر شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ انڌيرنگري کي بي نقاب ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، جمهوريت ۽ اظهار راءِ جو راڳ آلاپيندڙ سنڌ جي مخالف ڌر اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. سيني??ر شبلي فراز پنهنجي بيان ?? چيو ته پوري سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي مشينري پي ٽي آءِ جي ٽائيگر حليم عادل شيخ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. هو عمران خان جو سپاهي آهي، ڪرپشن ۽ ناانصافي جي خلا?? عمران خان جو علم پوري قوت سان کڻي بيٺل آهي.