ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين ??هچ??ئينداسين، بدعنوان عنصر جيڪو مرضي ڪري و??ن اين آر او نه ملندو، چاهيون ٿا ته خبر پوي ته اسامه بن لادن ڪنهن کي پئسا ڏنا هئا. ساهيوال ۾ صحافين سان ??الهائيندي وزيراعظم چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ تمام گهڻو پئسو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو نمائندو ڪروڙين رپيا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو ته اهو عوام جي نمائندگي ڇا ڪندو، ان لاءِ اسان آئيني ترميمون چاهيون ٿا ته جيئن بيلٽ اوپن ٿئي. اسان ??ذريل چونڊن ۾ پئسا وٺندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان ??ڍي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هينئر به سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان سرگرمي??ن جاري آهن. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿيون ايوان آهي جنهن جو تمام گهڻو تقدس آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي پر اسا?? پوءِ به سينيٽ اليڪشن شفاف بڻائڻ جي لاءِ بل پيش ڪنداسين.