اسلام آباد – 11 –; جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ”راست“ نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پ??ڪس??ان طرف اهم قدم آهي، راست پروگرام سان غربت جي خاتمي ۾ به مدد ملندي، بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ سان ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو. پ??ڪس??ان جي پهرين فوري ڊيجيٽل ادائيگي جي نظام ”راست“ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراع??م راست نظام جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته راست نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پ??ڪس??ان طرف اهم قدم آهي، ان سان ادائيگين جي نظام کي محفوظ ۽ موثر بڻائي سگهب??. و??يراعظم چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، 22 ڪروڙ جي آبادي مان رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا ۽ انهن مان به 70 سيڪڙو ٽيڪس رڳو 3 هزار ماڻهو ڏين ٿا، گهٽ روينيو جي ڪري اسان ملڪي تعمير ۽ ترقي تي وڌيڪ خرچ نه ٿا ڪري سگهون.