اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چي?? آهي ته خودمختياري وارو حق انساني احترام جو بنيادي جز?? آهي، عالمي برادري کي ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي سان پنهنجي خاطرين ۽ ذميدارين کي پورو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي هرممڪن حمايت جاري رکند??. ڪ??ميرين جي خودمختياري واري حق جي ڏ??اڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته هر سال پن?? جنوري کي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن لاءِ خودمختياري واري حق جي ڏ??اڙي جي طور تي ملهايو ويند?? آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته عالمي برادري ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي سان پنهنجي ذميدارين کان نظرون نٿي ڦيرائي سگهي.