اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام ۽ اميدوارن کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مخالف ڌر جي اعليٰ سطحي قيادت هڪ مهيني کان جيڪا عو??م جي ذهنن تي سوار هئي ۽ جي بي اليڪشن کي ريفرنڊم چئي رهي هئي، گلگت بلتستان جي عوام انهن جي ۽ نواز شريف جي بياني کي رد ڪندي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي ڇڏيو آهي، گلگت بلتستان جي اليڪشن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، آئنده چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جلد قانونسازي ڪ??داسين، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ناموس تي حملو ڪندڙ اسان جو اولين ترين دشمن آه??، وزيراعظم عمران خان ان مسئل?? تي گڏيل قومن سميت مسلم ملڪن کي خط لکڻ کانسواءِ جيڪو موقف اختيار ڪيو ۽ جهڙي طرح مسلمان امت جي ترجمان ڪئي ان جو ماضي ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، ڪا به سياسي پارٽي اهڙي مسئل?? تي احتجاج ڪندڙن کي طاقت جي ذريعي منشتر نٿي ڪري سگهي، انهن سان ڳالهين جي ڪ??شش ڪري رهيا آهيون، ڪهڙي طرح عوامي شڪايتن کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ان ڏس ۾ گهرو وزارت تم??م جلد پڌرنامو جاري ڪ??دي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪ??و.