اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن 12 سيپٽمبر 2020ع کا انٽرا افغان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته آخ??ڪار اسان جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو آهي جنهن جو افغان عوام کي ڪيترن ئي سالن کان انتظار هو، هن چيو ته تقريبن 40 سالن تائين افغانين مسلسل تڪرارن ۽ رتوڇاڻ کي منهن ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي واقعن، قيمتي جانين جي نقصانن ۽ وڏي معاشي نقصانن کان آگاه?? آهي، وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته مون هڪ ڊگهي عرصي کان اها ڳالهه واضح ڪند?? آيو آهيان ته افغانستان ۾ تڪرارن جو ڪو فوجي حل ن?? آهي، ۽ تڪرارن کي صرف سياسي ڳالهين جي ذريعي ئي حل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڪستان اڻٿڪ ڪوششن سان افغان امن عمل ۾ مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اهو وقت اچي پهتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريون ٿا ته اسان ان حوالي سان پنهنجي ذميداري پوري ڪئي آهي