اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اطلاعات ۽ نشريا?? واري خاص مددگار لي??ٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه جي استعيفا نامنظور ڪندي کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب لي??ٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي استعيفا پيش ڪئي جيڪا وزيراعظم قبول نه ڪئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته لي??ٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه طرفان جيڪي ثبوت ۽ وضاحت پيش ڪئي وئي آهي، هُو ان مان مطمئن آهي تنهن ڪري وزيراعظم کيس خاص مددگار طور ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.