اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته ففٿ جنريشن وار جو هدف ملڪ ۾ افراتفري ۽ نااميدي پيدا ڪرڻ هوندو آه??، قوم ترقي جي راهه تي هلي رهي آه?? ۽ معيشت بحال ٿي رهي آه??، ملڪ لاءِ بهترين خبرون اچي رهيون آه?? ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ سٺي خبر مخالف ڌر لاءِ بري خبر آه??، ثابت قدمي سان عوام ڏکي وقت ۾ جمهوري حڪومت جو ساٿ ڏنو، هاڻي مشڪل وقت مان نڪري آيا آه??ون، پهريون ڀيرو ملڪي تاريخ ۾ عوام جا نمائندا عوام جي سامهون جو??بد?? هجڻ لاءِ پنهنجون ذميداريون ادا ڪري رهيا آه??، مافياز کي نه ڇڏينداسين، اسان جي ڪوشش آه?? ته اسان جو اڄ گذريل ڏينهن کان بهتر ۽ ايندڙ ڏينهن اڄ کان بهتر هجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري، انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير فهميده مرزا، وزيراعظم جي خاص مددگار نديم بابر ۽ وزيراعظم جي بجلي بابت خاص مددگار شهزاد قاسم سان گڏ حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي سلسلي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.