اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي حڪومت ميڊيا صنعت جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان اي پي اين ايس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبرن وڊيو لنڪ تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اي پي اين ايس جي سيڪري??ري جنرل سرمد علي، شهاب زبيري، مجيب الرحمان شامي، قاضي اسد عابد، ??جم الدين شيخ?? مشتاق احمد، ??وزيه شاهين، محسن بلال، فيصل زاهد ملڪ، سيد ها??ون شاهه، نويد چوڌري، ممتاز اي طاهر ۽ ٻين ميمبرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چيو ته اشتهار جي رهتن جي ادائگي ترجيحي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي، ان مد ۾ 74 ڪروڙ رپيا ادا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور جي اشتهارن جي مد ۾ اٽڪل 45 ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، ان جا منفي اثر اسان جي معيشت تي به پيا، اسان سڀني کي گڏجي انهن مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا نه رڳو عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري ٿي پر ان شعبي سان هزارين خاندانن جو روزگار پڻ واڳيل آهي.