اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ??رق?? لاءِ مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان ڪندي نئين پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ لاءِ 30 ارب روپين جي سبسڊي مختص ڪري ڇڏي آهي، پهرين هڪ لک گهرن جي تعمير تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني ويندي، قرض جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شرح پنج مرلي جي گهر جي لاءِ 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهرن جي لاءِ 7 سيڪڙو هوندي، اين ??و سي ۽ ٻين ??هولتن جي لاءِ صوبن سان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، سستن گهرن جي تعمير تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گهر جي خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سمورا ماڻهو 31 ڊسمبر تائين ??اصل سهولتن مان هر ممڪن فائدو کڻن، هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي کي ??رق?? ڏيڻ سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ??رق?? بابت قومي رابطا ڪميٽي جي پهرين ??جلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ??رق?? جي راهه ۾ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون هيون جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف رخن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، گهرن جي لاءِ قرضن جي سهولت بابت قانون نه هو جنه?? تي ڪم جاري آهي، صوبن سان گڏجي تعميرات جي صف بابت رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته هائوسنگ ۽ تعمرات جي شعبي جي ??رق?? سان جتي عام ماڻهن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿيندي، اتي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ تعميراتي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان ملڪي معيشت کي به استحڪام ملندو.