لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مڪڙن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي ۽ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته مڪڙن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪ?? قدم کنيا وڃن ته جيئن آبادگارن جي قيمتي فصلن کي ا?? قدرتي آفت کان تحفظ فراهم ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب ۾ مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سا?? قدمن تي اعليٰ سطحي بريفنگ دوران ڪيو. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل مڪڙن جي حملي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌا??و ته سڄي صوبي ۾ مڪڙن جي حملي کي جديد مشينري جي استعمال ۽ ٺوس حڪمت عملي سان وڏي حد تائين روڪيو ويو آهي.