لاهور – 13 جون (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، پنجاب جي گورنر چوڌري مح??د سرور کانسواءِ وزيراعظم جي معاونين ۽ صوبائي وزيرن، اين ڊي ايم اي ??ي چيئرمين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.