ڪراچي – 22 مئي (اي پي پي) ڪراچي جي هوائي اڏي ويجهو پي آءِ اي جو مسافر جهاز آبادي مٿان ڪري تباهه ٿي ويو آهي. علائقي ۾ وڏي پيماني تي امدادي ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن. خبر موجب پي آءِ جي اي??ر بس 320 پي ڪي 8303 سوا هڪ وڳي لاهور ??ان ڪراچي لاءِ اڏام ڀري هئي. جمعي ڏينهن منجهند جو لينڊگ ??ان ڪجهه منٽ پهرين هوائي اڏي لڳ واقع ماڊل ڪالوني ۾ گهرن مٿان ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ 91 مسافر ۽ عملي جا 8 ڄڻا شامل هئا. اکين ڏٺن شاهدن موجب جهاز ڪرڻ سان زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن بعد دونهين جا ڪ??را بادل ڇانئجي ويا. ??ول ايوي اي??ن جي ذريعن موجب جهاز جي پائليٽ فني خرابي جو اطلاع ڏنو هو ۽ گائيڊ لائين ڏيڻ دوران ريڊار تان گم ٿي ويو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽميون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جٿا واقعي واري هنڌ پهچي ويا.