اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن جو بيانيو ترقي يافته ۽ روشن پاڪست??ن جو بيانيو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي سرزمين تي بيهي دهشتگردي جي خلاف پاڪست??ن جي ڪردار کي ساراهيو آهي، صدر ٽرمپ جو بيان سفارتي حوالي سان انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد ۾ جاپان ڪراٽي ايسوسيئيشن آف پاڪست??ن جي اهتمام ه??ٺ ڇهين جي ڪي نيشنل ڪراٽي ڪيمپ جي عنوان سان ايجوڪيشن ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو.