اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن وا??ي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پيپلز پارٽي اسان جي اتحادي پارٽي آهي، ان کي ڪو اعتراض هوندو ته دُور ڪندا??ين. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بچاءَ وا??ي وفاقي وزير خواجه آصف جي سربراهيءَ ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي، ان ۾ ڪافي ادارن حصو ورتو اهو عمل اڃا به جاري آهي، جيڪي سڌارا ضروري هوندا اهي ڪنداسين، مان ٻه دفعا سنڌ جي و??ي وزير سان ملاقات ڪئي آهي، مان سنڌ جي و??ي وزير جو ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجي سپورٽ ڏني. اتحادي پارٽين ۾ شڪايتون هونديون آهن، اسان انهن کي گڏجي حل ڪنداسين، اسان جي گڏجي حڪومت ٺاهي آهي، اليڪشن ۾ ٽن پارٽين کي اڪثريت ملي، ٻنهي پارٽ??ن جي مفاد ۾ آهي ته گڏجي هلون، ملڪ ترقي ??ري رهيو آهي.