اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ اق??يتن کي سڀني حقن ۽ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اق??يتن کي شهري حيثيت ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا سڀئي موقعا حاصل هوندا، اق??يتن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. اق??يتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي فرق کانسواءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي بنيادي گهرج آهي، اسان جي آئين ۾ به ان اسلامي اصول کي پوري طرح شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت اق??يتن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن?? جمهوري روايتن جي فروغ لاءِ مذهبي هم آهنگي جي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو.