اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪمل طور تي لاڪ ڊائون جي اجازت قطئي طور تي نه ڏني ويندي، مڪمل لاڪ ڊائون جي حوالي سان ??فاقي حڪومت جي پاليسي واضح آهي، سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته صوبا ان ڏس ۾ انفرادي فيصلو نٿا ڪري سگهن، آرٽيڪل 151 تحت پاڪستان ??ڪ سنگل مارڪيٽ آهي، ڪراچي جي بندرگاهه پاڪستان ??ي معيشت جي شه رڳ آهي ۽ اهڙو قدم کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جنهن سان ??اڪستان ??ي معاشي شه رڳ متاثر ٿئي. سنڌ حڪومت پاران ??ڪمل لاڪ ڊائون جي فيصلي تي جا??ي ڪيل پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چ??و ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو به آپشن ڪنهن صوبي کي دستياب نه آهي، ڪورونا جي حوالي سان ??اليسي وفاق ۽ اين سي او سي جا??ي ڪندا آهن ۽ صوبا ان تي عملدرآمد جا پابند آهن، هن چيو ته پاڪستان ڪورونا جو ڀرپور طريقي سان ??قابلو ڪيو آهي، هن وقت تائين اسان انساني جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ مل??ي معيشت به هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو موقف آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون سان ??زدور، ڏهاڙيدار طبقو شديد متاثر ٿيندا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ ڪراچي ۾ صورتحال سنگين نه هجي ها، هن چيو ته سنڌ کي واضح طور تي پيغام ڏنو ويو آهي ته انفرادي فيصلا نٿا ڪري سگهجن، اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي.