اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جرمني سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل جمهوري قدرن ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان خطي جي ??نه?? ملڪن ۾ شامل آهي جتي ميڊيا کي آزادي حاصل آهي، جرمني جي فلم ساز ۽ ڊرامه پروڊيوسرز پ??ڪستان اچن ۽ ڪئميرا جي اک سان هماليه سلسلي جي خوبصورتي دريافت ڪن. اها ڳالهه هن جرمني جي سفير برن هارڊ اسٽيفن شليگ هيڪ سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن فلم ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جرمني جي فلم ۽ ڊرامه پروڊيوسرسز ايسوسيئيشنز سان زوم ميٽنگ جي انعقاد جي تجويز ڏني، هن چيو ته پاڪستان ان پ??ري?? ايشيائي ملڪن ۾ شامل آهي جنهن جرمني سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، هن چيو ته علامه اقبال جا جرمني سان لاڳاپا ۽ هيڊلبرگ جي باري ۾ سندس شاعري کي ا??اگ?? ڪرڻ بابت وڊيو فلم جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جي تجويز جوائنٽ پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه بخشيندي.