اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي نه وجهي، توهان ايترا اڻڄاڻ آهيو جو خبر ئي نه آهي ته توهان جي پنهنجي صوبي ۾ 2 هزار 25 ملي?? ڪيوبڪ فٽ گئس پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 ملي?? ڪيوبڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ٿي جڏهن ته 200 ملي?? ڪيوبڪ فٽ پاور ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ڏني وڃي ٿي، رڳو 110 ملي?? ڪيوبڪ فٽ سنڌ کان ٻاهر وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز ??لاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيندڙن پينشنرز کي نه بخشيو. توهان جي وڏي وزير جي ماتحت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينشنرز فنڊ ۾ سامهون آيو. جعلي پينشنرز ۽ جعلي اڪائونٽ ٺاهيا ويا.