اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي جي کوٽ ماضي جي حڪمرانن جي نااهلي جو واضح ثبوت ??هي، مل??ي ضرورتن ۽ واڌويجهه جي شرح کي نظر ۾ رکندي ٺوس منصوبابندي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن جي گڏيل حصيداري کي فوق??ت ڏني وڃي ته جيئن پهچ ۽ متفرق خرچن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي آڻي عوام کي ممڪن رليف ڏئي سگهجي. هن اها هدايت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي تعين ۾ اثرانداز ٿيندڙ عمل، موجوده طريقيڪار ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي تحت قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي ??دا??ت ڪندي ڪئي.