مظفر آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ۾ ترميم ذريعي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو ويو ۽ غيرمسلمان رهواسين کي شهريت ڏيڻ جو ڀيانڪ منصوبو والاريل ڪشمير جي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي سازش هئي جنهن جي تسلسل ۾ لکين ڀارتي هندوئن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا ۽ بوگس تڪ بنديون ڪري رياست جي مسلم تشخص کي ختم ڪيو پيو وڃي، اسان انهن سمورن قدمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اهي سمورا قدم گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي منظور ٿ??ل قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ ان تي گڏ??ل قومن جي خاموشي هڪ سواليه نشان آهي، ڀارت جي فسطائي حڪومت ڊوميسائ??ل قانونن تحت ڪشميرين کان انهن جي رهائش، شهريت، روزگار ۽ زمين جي ملڪيت جا حق کسي ورتا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ سڄي ڀارت مان 40 لک کان وڌيڪ هندوئن کي آڻي ڪشمير ۾ آبادڪاري ڪئي وئي آهي، قابض فوجين ۽ ڀارتي سرڪاري آفيسرن ۽ انهن جي خاندانن کي هڪ منظم منصوبي تحت ڪشمير ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، هدف اهو آهي ت?? والاريل واديءَ جي آباد?? جي تناسب کي مستقل طور تي تبديل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڏهاڙ?? جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اسان دنيا جي بهادر ترين قوم ڪشميري قوم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن غاصباڻي قبضي ۽ دهشتگرد?? جي باوجود پنهنجي آزاد?? جي جدوجهد ۽ مزاحمت جاري رکي آهي. آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جا ماڻهو توهان سان گڏ بيٺل آهن ۽ توهان جي آزادي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد پار ڪندا، ڪشمير مسئلي کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڀارت جيڪي قدم کنيا ان سان گڏ??ل قومن ۾ موجود ڪشمير مسئل?? جي حيثيت کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. گڏ??ل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي راءِ جي ابتڙ حل نه ٿو ڪري سگهجي. اهي گڏ??ل قومن جون قراردادون ئي آهن جيڪي ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏين ٿيو.