اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فوج خلاف ڳالهائڻ تي نواز شريف کي هر صورت ۾ واپس آڻڻ جو اعلان ڪ??دي چيو آهي ته ان گدڙ کي هاڻي ڪا وي آءِ پي جيل نه مل??دي کيس عام قيدين وانگر رکيو ويندو، گوجرانوالا ۾ سرڪس جي اداڪارن کي واضح چوان ٿو ته هاڻي انهن کي نه ڇڏيندس. ڪنوي??شن سينٽر ۾ ٽائي??ر فورس پورٽل جي افتتاح جي موقعي تي ملڪ جي مختلف علائقن مان آيل ٽائيگرز ??ي خطاب ڪ??دي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به رضاڪار فورس جو معاشري ۾ هڪ تمام وڏو مقام هوندو آهي، رضاڪارن جو سڀ کان وڏو ڪم شهرين جي ضرورتن ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي ۽ جمهوريت ۾ ان کي هڪ منفرد مقام حاصل آهي، جڏهن ڪنهن معاشري ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون ته زندهه معاشري جا شهري رضاڪاراڻي طور تي حڪومت جي مدد ڪن ٿا، پاڪستاني قوم تي به جڏهن ڪو مشڪل وقت آيو پوري قوم پنهنجي ملڪ جي لاءِ بيٺل رهي، 28 مارچ کان ٽائي??ر فورس جي قائم ٿيڻ کان هيستائين جيتريون به سرگرميون ان فورس ڪيون انهن تي پوري قوم پاران ٿورا مڃان ٿو ۽ ڀليڪار چوان ٿو.