اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪارن پاران راوي ريور فورٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ بنڊل آئي لينڊ منصوبن ۾ گهري دلچسپي جي اظهار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مقامي سيڙپڪارن جي اهم منصوبن ۾ دلچسپي خوش آئنده آهي، تعميرات ??ي شعبي جي ترقي سان نه رڳو ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ملندو ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان دولت جي پيداوار ۽ معيشت جو استح??ام پڻ ممڪن ٿيندو، حڪومت ڪاروباري سرگرمين جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي تر??يحي بنياد تي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ جي ناليوارن سيڙپڪارن ۽ ناليواري ڪاروبار?? شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو.