اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي، پاڪستاني عوام ڪوورنا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪيو، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، مصنوعات جي ويليو ايڊيشن ذريعي روانگي وا??ار ۾ اضافو ڪري ??گهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل راول ايڪسپو جي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪوورنا وبا جي ڏس ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن تي ڀرپور ڌيان ڏنو، مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي احساس پروگرام ذريعي امداد ڪئي وئي، پاڪستان ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ڪورونا وبا کان گهٽ متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته وا??اري پنهنجي مصنوعات جي ذريعي دنيا کي اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته اهي ڇا ٺاهي رهيا آهن، هي نمائش وا??ارين کي پنهنجي مصنوعات ??ڪر?? ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ??ها نمائش منعقد ڪري ??اندار ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته وا??ارين جي ٻاهرئين ملڪ سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل قونصلرز سان رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت ڪمرشل قونصلرز کي مناسب انداز ۾ آگاهي فراهم ڪري ٿي جڏهن ته وا??اري ??رادري ??ه انهن کي پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪري ??گهي ٿي ته جيئن مختلف ملڪ ۾ پاڪستاني وا??ارين جي مصنوعات جي کپت ۾ اضافو ڪري ??گهجي ۽ ڪمرشل قونصلر مختلف ملڪن جي منڊين ۾ موجود موقعن بابت وا??ارين کي آگاهه ڪري ??گهن. هن چيو ته اسان کي روايتي روانگي وا??ار سان گڏوگڏ پنهنجي مصنوعات جي ويليو ايڊيڊ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي جي ڊي پي ۾ 36 ارب ڊالر اضافي جي صلاحيت رکي ٿو، چيمبر آف ڪامرس پاڪستان جي اندر مصنوعات جي پروڊڪش??، مارڪيٽنگ سميت ٻيا معاملا ڏسي ٿو، اسان زرعي ملڪ هجڻ جي حيثيت سان روايتي پيداوار تي ڌيان ڏيون ٿا، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي.