لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ئي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جو واحد حل آهي، ڪورونا جو ڦهلاءُ به روڪڻو آهي ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻو آهي ته جيئن غريب تي بار نه پوي، عوام احتيا?? نه ڪيو ته مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، عوام احتيا?? نه ڪيو ته ان لاءِ وائرس تيزي سان پکڙيو، هاڻي لاڪ ڊائون نه ڪندا??ين پر مخصوص ايرياز بند ڪرائيندا??ين ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ سختي ڪنداسين، عوامي جاين ت?? ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، عوام جي مٿان آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري حالتن کي بگڙڻ کا?? بچائي، صوبن جا دورا به ڪندس ۽ ڪورونا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي پاڻ مانيٽر ڪندس. هو پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس کا??پوءِ ڳالهائي رهيو هو.