اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اقتصادي حڪومت سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، چين پاڪست??ن ??قتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ پاڪستان جي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي، چيني ڪم??نيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي خاص طور تي شمسي توانائي جي وسيع امڪانن ۾ سيڙپڪاري ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن ??اري بيان موجب چيني سيڙپڪاري ڪم??ني نورينڪو جي ??عليٰ اختياري وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت نورينڪو انٽرنيشنل جي نائب صدر وانگ شيائوبنگ ۽ نورينڪو انٽرنيشنل (پاڪستان) جي ??ي اي او لي ڪنگ ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيد نويد قمر، چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جو خصوصي معاون سيد طارق فاطمي، محمد جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل وزارتن جا عملدار به موجود هئا. ان موقعي تي وفد سان ??الهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ پاڪستان جي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي، پاڪ اقتصادي اقتصادي لنگهه منصوبو سي پيڪ ٻنهي دوست ملڪن جي گڏيل فائدي ۽ ترقي جي لاءِ تبديلي جي منصوبي طور اهم منصوبو آهي. هن چيني ڪم??نين کي پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي خاص طور تي شمسي توانائي جي وسيع امڪانن ۾ سيڙپڪاري جي ??عوت ڏني. وزيراعظم لاهور اورينج لائين ميٽرو ٽرين منصوبي ۾ ڪم??ني جي ڪردار کي به ساراهيو جيڪا لاهور ۾ روزانو جي ??نياد تي لکين مسافرن کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. هن ياد ڏياريو ته ائين پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته جي ٽو جي پراجيڪٽ يعني لاهور اورينج لائين کليل ٻولي لڳائي وئي. هن چيو ته سڀ کان ??هٽ ٻولي ڏيندڙ ڪم??ني سان وڌيڪ ڳالهين جي نتيجي ۾ 600 ملين آمريڪي ڊالرز جي ??چت ٿي. اهو يقينن پاڪستان جي ??رقي جي ??اريخ ۾ هڪ سنگ ميل آهي. وفد پاڪستان ??ي موجوده معاشي بحران مان ??ڍڻ جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي ??ڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چين جو عظيم دوست آهي، جنهن جي ڪاروبار دوست پاليسين اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري کي آس??ن ??ڻايو آهي. نورينڪو جي وفد پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ??ن ??عبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. ڪم??ني خاص طور تي ٺٽي ۾ ونڊ ڪوريڊور جنهن تحت 100 ميگاواٽ جو ونڊ پاور پراجيڪٽ تجويز ڪيو هو ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي، ??ن ??ان ??ڏوگڏ ريلوي لائين سان ??ڏ فائبر آپٽڪ ۾ سيڙپڪاري، ٽامي ۽ لوهه جي کاڻين ۽ ملڪ جي وڌندڙ شهرن ۾ انفراسٽرڪچر جي ??رقي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا شامل هئا جن جي ڪم??ني سيڙپڪاري جي ??مڪاني جاين جي نشاندهي ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن ??يڙپڪاري لاءِ سازگار آهي ۽ ان جي ??ڪومت سيڙپڪارن جي وڌيڪ سهولتن لاءِ سڀني رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران پاڪست??ن ??ي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت خاص طور تي پاڪست??ن ??ي موجوده معاشي صورتحال تي مدد تي ٿورا مڃيا.