اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪندي سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪٽيل 5 لک ر??ين جي پينشن جي رقم رٽائرڊ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان پوسٽ آفيس کي سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪاٽيل 5 لک ر??ين کان وڌيڪ جي پينشن جي رقم مارچ 2020ع تي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان کي اداري پاران بي ضابطي قرار ڏنو آهي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن ۾ وفاقي محتسب پاڪستان پوسٽ کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ڪاٽيل پينشن بقايا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پينشنر جي محنت سان ڪمايل آمدني آئين جي آرٽيڪل 9 تحت ان جو بنيادي حق آهي، قانون کان مٿانهون پينشنر کي رقم جي هڪ حصي کان به محروم نه ٿو رکي سگ??جي، پينشن ايڪٽ 1871ع تحت پينشن کي ضبط يا قرق نه ٿو ڪري سگ??جي. هن چيو ته پاڪستان پوسٽ شڪايت ڪندڙ جي پينشن رهتن مان 5 لک 2 هزار 272 ر??ين جي رقم بنا جواز وصول ڪئي. تفصيل موجب شڪايت ڪند?? وفاقي محتسب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان پوسٽ آفيس جي سروس رهتن مان غيرمنصفاڻي طور تي 5 لک 2 هزار 272 ر??ين جي ڪٽوتي ڪئي آهي. وفاقي محتسب اپريل 2021ع ۾ ڏنل فيصلي ۾ پاڪستان پوسٽ کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. پاڪستان پوسٽ فيصلي تي عملدرآمد بدران صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو، حڪم جي 30 ڏينهن منافعي جي شرح سان رقم واپس ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.