اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ 2023ع تائين انتظار ??رڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته عمران خان شهباز شريف جي ڪارڪردگي کان ڊنل آهي، عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شريف انهي محنت ۽ ڌيان سان ڪم ڪندو رهيو ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شريف معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف سمورن ملڪن کان خراب لاڳاپن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته عمران خان کي يقين آهي ته شهباز شريف کي ڪم ڪرڻ ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري واپس آڻيندو، شهباز شريف انشاءُ الله نوجوانن کي ??وز??ار ??يندو. هن چيو ته احتساب، ??دي??ي جي رياست، سازش جا بيانيا دفن ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جو نئون بيانيو ڏيڍ مهيني جي ڪارڪردگي بڻجي ويو آهي، هن چيو ته پنهنجي نالائقي، نااهلي، ڪرپشن ۽ سياسي منافقت جو چهرو آئيني جي سامهون ڏسي ۽ پوءِ تقرير ڪندو وڃي، ماٺ ڪري گهر ويهو ۽ 2023ع ۾ وڌيڪ رد ٿيڻ جو انتظار ??يو، وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف توهان جي تباهه ڪيل معيشت سنڀاليندو ۽ توهان جي پکيڙيل فتني جو به خاتمو ڪندو. عمران خان 2014ع ۾ ڪنٽينر تي به نواز شريف ۽ شهباز شريف، حڪومت ۾ به نواز شريف ۽ شهباز شريف ۽ پوءِ ڪنٽينر تي نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خلاف ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته شهباز شريف عمران خان جي تباهه ٿيل معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيو آهي، ان جي لڳايل مهانگائي، بي??وز??اري ۽ معاشي تباهي جي باهه شهباز شريف وسائي رهيو آهي، چار سالن ۾ معاشي تباهي ۽ مهانگائي آڻيندڙ لاڏلو ڏيڍ مهيني جو حساب گهري رهيو آهي. اي پي پي/ر – م/ش – چ 19:45